ڊاڪٽر الله ورايو محمدي ڏيپلائي

ڊاڪٽر الله ورايو محمدي ڏيپلائي

الله ورايو محمدي ڏيپلائي

الله ورايو ’محمدي‘ ڏيپلائي: ڊاڪٽر الله ورايو محمدي، 30 ڊسمبر 1930ع تي ڏيپلي، ضلعي ٿرپارڪر ۾ ڄائو. ڊائو ميڊيڪل ڪاليج مان ايم. بي. بي. ايس ڪرڻ کانپوءِ ريڊيالاجيءَ ۾ اعليٰ تعليم برطانيا مان حاصل ڪئي ۽ لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄام شوري ۾ ريڊيالاجسٽ جي عهدي تي فائز ٿيو. 2000ع کان 2006ع تائين اسريٰ يونيورسٽي، حيدرآباد ۾ پروفيسر ۽ هيڊ آف ريڊيالاجي ڊپارٽمينٽ ٿي رهيو. 2005ع ۾ ريڊيالاجيڪل سوسائٽي آف پاڪستان طرفان، وٽس 3000 نـايـاب ٽـيـچـنـگ ۽ ڊائـگـنـاسـٽـڪ ايـڪـسـري ڪـلـيـڪـشـن هـئـڻ ڪـري لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ حاصل ڪيو. 2007ع ۾ Star Millennium گولڊ ميڊل مليس. سماجي خدمت جي شعبي ۾ هي پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيش حيدرآباد، سنڌ چئپٽر جو صدر (1980ع)، پئٽرن پيشنٽس ويلفيئر آرگنائيزيشن (ايل. ايم. سي: 1985ع)، چيئرمئن هيلٿ ڪميٽي سنڌ گرئجيوئيٽس ايسوسيئيشن (1985ع)، سينيئر وائيس پريزيڊنٽ ڳوٺ سڌار سنگت (1985ع)، ميمبر پلاننگ ڪميشن آف پاڪستان (سوشل ويلفيئر ونگ: 1990ع)، ميمبر سنڌ ويلفيئر ڪائونسل (1980- 1992ع)، ميمبر سنڌ پراونشل ڪائونسل فار ڊس ائبلڊ (1993ع کان 2021ع تائين)، صدر سنڌ ميمڻ جماعت (1985ع کان 2021ع تائين)، پريزيڊنٽ ٿر ڊيولپمينٽ فائونڊيشن (1987ع کان 2021ع تائين)، وائيس پريزيڊنٽ ڏيپلائي ميمڻ انجمن (1992ع کان 2021ع تائين) رهيو. ڊاڪٽر الهورايي محمديءَ ٿر جي مختلف شهرن ۾ لائبرريون قائم ڪندي، سنڌ جي گرلز پرائمري اسڪولن ۾ ڪتاب ۽ ڪاپيون تقسيم ڪيون. کيس تحقيق ۾ خاص دلچسپي رهي. ڏهاڪو هزار ڏيپلائي ميمڻن جا تفصيلي شجرا هٿ ڪيا. اهو مواد هن ڪتابي صورت ۾ ’ميمڻ ڪير هئا ۽ ڪٿان آيا‘ نالي سان شايع ڪرايو. 7 اپريل 2021ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1930.12.30  عيسوي

مشهور ڊاڪٽر الله ورايو محمدي، 30 ڊسمبر 1930ع ۾ ڏيپلي، ضلعي ٿرپارڪر ۾ ڄائو.


2021.04.07  عيسوي

ڊاڪٽر الله ورايو محمدي ڏيپلائي 7 اپريل 2021ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ديوان ڪوڏڻ مل
قمر ڀٽي
مظهر ابڙو
جون رضه
چاچڙ علي مردان خان
پليجو عبدالرحمان
شيخ حبيب الله ماستر
رميش تلوڪچند جئسنگھاڻي
بارٽل فريئر
ايشوريا راءِ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون